درويش علي

درويش علي (خطاط): ٺٽي جو رهاڪو درويش علي انهن مشهور خطاطن مان آهي، جن پنهنجي خطاطيءَ جي فن کي ٺٽي شهر ۾ جاري رکيو. هي ٺٽي جو پهريون خطاط هو، جنهن سڀ کان اڳ نستعليق خط ۾ قرآن شريف جون آيتون لکيون. سندس لکت 1111هه/ 1699ع جي ملي ٿي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي بيان مطابق درويش علي ۽ علي بيگ ٻئي خطاطيءَ جي فن ۾ وڏا ماهر هئا.


لفظ درويش عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو